مانجهند (ن پ ا ) مانجھند بس اسٽاپ تي  لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ ڪار  اڳيان گڏھ روڊ تي چڙهڻ سبب ايڪسيڊنٽ ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ ڪراچي صفوران چورنگي جي رھواسڻ 62 سالا عورت نازنين زال رٽائر ايس پي ذوالفقار عباس لانگاھ ٿڏي تي فوت ٿي وئي  ۽ ساڻس گڏ سندس نياڻو محمد حارث سولنگي زخمي ٿي پيو. اطلاح موجب فوتڻ جي اصل رهائش لاڙڪاڻي جي آھي پر هن وقت ڪراچي جي علائقي صفوران چورنگي ۾ رھائش پذير آھن.