راولپنڊي ۾ وڏي دهشتگردي جو خدشو ، رپورٽ عدالت ۾ پيش

0
24
راولپنڊي ۾ وڏي دهشتگردي جو خدشو ، رپورٽ عدالت ۾ پيش
راولپنڊي ۾ وڏي دهشتگردي جو خدشو ، رپورٽ عدالت ۾ پيش

دهشتگرد اڊيالا جيل سميت راولپنڊي ۾ وڏي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا آهن، گهرو وزارت سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

پي ٽي آءِ باني  جي اڊيالا جيل ۾ سڪيورٽي فراهم ڪرڻ واري ڪيس ۾ وفاقي گهرو وزارت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو ته دهشتگرد اڊيالا جيل  تي وڏي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا آهن، انٽيليجنس ادارن جي رپورٽ موجب دهشتگردن جو پهريون نشانو راولپنڊي آهي

گهرو وزارت پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته راولپنڊي ۾ اهم شخصيتون ۽ فوجي تنصيبات دهشتگردن جي نشاني تي آهن، اهو دشمن ملڪن جي ايجنسين ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جو منصوبو آهي

گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان مخالف عنصر ملڪ ۾ سياسي انتشار ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿا، جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني ۽ شهرين جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، سڪيورٽي حفاظت ۽ امن امان صوبائي معاملو آهي، ان حوالي سان ٺوس قدم کنيا پيا وڃن

گهرو وزارت استدعا ڪئي ته پي ٽي آءِ باني جي سڪيورٽي حفاظت لاءِ  درخواست رد ڪئي وڃي، 21 مارچ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جي سڪيورٽي بابت داخل درخواست تي گهرو وزارت ۽ وفاقي لا آفيسر کي نوٽيس جاري ڪيا هئا