ڪراچي (م ڊ )پيپلزپارٽي جو قومي اسيمبلي ميمبر عبدالقادر مندوخيل حڪمران اتحادي جماعت نواز ليگ تي ڪڙڪي پيو، عبدالقادر مندوخيل چيو ته گهرو ۽ ناڻي وزارتون نه ٿيون هلن ته ڪنهن ٻئي پارٽي کي ڏئي ڇڏيو، رانا ثناءُ الله عمران خان معاملي کي مس هينڊل ڪيو، پوليس واري کي وارنٽ ڏئي ايتري دير ڪئي وئي جو پوري پاڪستان مان پي ٽي آءِ ڪارڪنن اچي ويا، هن معاملي ۾ رانا ثناءُ الله ۽ آءِ جي پنجاب کي به سزا ملڻ گهرجي، ناڻي وزارت بابت عبدالقادر مندوخيل چيو ته اسحاق ڊار ايٽمي اثاثن جي ڳالهه ڪيئن ڪئي، ڪنهن چيو آهي ته نالو کڻو، عمران خان وانگر سائفر نه بڻايو، ناڻي وزير طور ايتري غلط ڳالهه ڪيئن ڪري وٺندو آهي، عبدالقادر مندوخيل مريم نواز تي به تير وسايا ۽ چيو ته جيڪڏهن مريم نواز چوي هي ان جي حڪومت ناهي ته عوام سندس بيان سان بيوقوف نه بڻجندو.