دوڙ (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي دوڙ جي ملازمن پاران چوٿين ڏينهن به يونين اڳواڻن محبوب علي خاصخيلي، مرتظي سيال ، گوپال داس، مسمات حنا جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب دوڙ سامهون ڪئمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا، جتي اڳواڻن پگهارون نه ملڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وڏي افسوس جي ڳالهه آهي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪنهن به ڪاموري جي مٿي تي جونءِ به نه سري آهي اسان جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجا جائز حق گهرڻ تان ملازمن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن ڊي سي ۽ ڪمشنر بينظير آباد ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملازمن کي پگهارون ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي.