دهشتگردن سان ڳالهيون ڇو پيون ڪيون وڃن؟ هنن کان ڪيستائين ڊڄندا رهنداسين؟: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

0
204
دهشتگردن سان ڳالهيون ڇو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته دهشتگردن سان ڳالهيون ڇو پيون ڪيون وڃن؟ هنن کان ڪيستائين ڊڄندا رهنداسين؟

سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته دهشتگردن سان ڳالهيون ڇو پيون ڪيون وڃن

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردن کان ڪيستائين ڊڄنداسين؟ ڪڏهن چيو وڃي ٿو دهشتگردن کي هي ڏيو ۽ ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته دهشتگردن سان ڳالهيون ڪيو

هن چيو ته دهشتگردن سان ڳالهيون ڇو پيون ڪيون وڃن؟ اڄ دهشتگرد 2 ماڻهو ماريندا، سڀاڻي 5 ماڻهن کي ماري ڇڏيندا، خبر ناهي ته اسان ڪهڙي معاشري ۾ رهون پيا، ڊگهي ڏاڙهي رکڻ سان ماڻهو مسلمان يا انسان نه ٿو بڻجي وڃي

 جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته رياست ڪٿي آهي؟ هڪ جج کي ماريو ويو پر ڪنهن کي پرواهه ئي نه آهي

 جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجو نالو کڻڻ کانسوا رمارڪس ۾ چيو ته هڪ جج دهشتگرديءَ جي واقعي تي رپورٽ ڏني ۽ ان رپورٽ کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايو ويو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 2016 ۾ ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي بابت عدالتي ڪميشن جي سربراهه طور پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي هئي

هي به پڙهندا

خيبرپختونخواهه ۾ ڌماڪو ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي: نگران وڏو وزير

پشاور پوليس لائنز ڌماڪو: شهيد ٿيلن جو انگ 93 ٿي ويو

مريم نواز سان ناراضگي: شاهد خاقان عباسي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ق ليگ جي چوڌري شجاعت کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ واري درخواست رد