ممبئي (شوبز نيوز) ننڍي کنڊ جي عظيم اداڪارن 54 سال گڏ گذارڻ کانپوءِ پنهنجي گهر واري سائره بانو کي تنها ڪري هليو ويو، سائرا بانو 12 ورهين جي ڄمار ۾ دليپ سان پهرين ملاقات ۾ ئي کيس پسند ڪري ورتو ان وقت دليپ جي عمر 34 سال هئي، سائره بانو جي والده نسيم بانو به هڪ اداڪاره هئي، جڏهن ته سائره بانو فلمي ڪيريئر جي شروعات 16 سالن جي عمر ۾ ڪئي، سائره بانو ۽ دليپ ڪمار جي ملاقات ادڪاره جي والده جي ڪري ٿي، سائره بانو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن ملاقات جو ذڪر ڪندي ٻڌايو هو ته ان وقت پنهنجي اندرهڪ طلسم کڻي سمايل هو، دليپ مون کي هڪ خوبصورت ڇوڪري قرار ڏنو هو، ان جي تبصري منهنجي حوصلا افزائي ڪئي، منهنجا هواس مون کي چئي رهيا هئا ته مان هن جي زال ٿينديس،ٻنهي اداڪارن جي ملاقات جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن بعد دليپ ڪمار سائره بانو کي فلم (جهڪ گيا آسمان) جي شوٽنگ دوران شادي جي آڇ ڪئي، ڀارتي ميڊيا موجب، اداڪار جي مڱڻي واري ڏينهن تي هڪ عورت هن جي گرل فرينڊ جي دعويٰ ڪئي هئي، عورت نشي واريون گوريون کاڌيون هيون، بعد ۾ جڏهن هي ڳالهه دليپ ڪمار جي علم ۾ آندو ويو ته هو پاڻ هن جي گهر ويو ۽ خيريت دريافت ڪئي،سائره بانو۽ دليپ ڪمار جي شادي 11 آڪٽوبر 1966 ۾ ٿي، ان وقت سائره بانو 22 سالن جي ۽ دليپ ڪمار جي عمر 44 سال هئي، سائره بانو ۽ دليپ ڪمار کي شادي کانپوءِ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، جن مان هڪ اداڪاره کي سائره بانو جي صحت جو مسئلو هو، سائره بانو 1972 ۾ پيٽ سان ٿي پر طبي مسئلن جي ڪري هوءَ ٻار کي جنم نه ڏئي سگهي، هن واقعي سان ٻنهي تي ڪافي اثر پيا.شهنشاهه جذبات جي لقب سان مشهور دليپ ڪمار 1981 ۾ اسما رحمان نالي عورت سان ٻي شادي ڪئي جيڪا صرف ٻه سال تائين هلي سگهي، پنهنجي ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ اداڪارهن شادي کي زندگي ۾ وڏي غلطي قرار ڏنو هو، دليپ ڪمار جي اسما سان ملاقات حيدرآباد ۾ هڪ ڪرڪيٽ ميچ جي دوران ٿي هئي، سائره بانو 1976 ۾ اداڪاري ڇڏي پنهنجو سڄو وقت پنهنجي مڙس لاءِ وقف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، 2014 ۾ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سائره بانو جو چوڻ هو ته مان هاڻي به يوسف صاحب سان ايتري محبت ڪندي آهيان جو پهرين دفعو ڏسي ڪري محسوس ڪئي هئي.