سکر: ٻن سالن کي خورشيد شاهه جو علاج؟، سنڌ حڪومت ۽ اسپتال انتظاميا جون رپورٽس رد

0
224
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر، پ پ ايم اين اين اي خورشيد شاهه جَي اين آءِ سي وي ڊي مان علاج خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت ۽ اسپتال انتظاميا جون رپورٽس رد ڪري ڇڏيون، 28 جولاءِ تي ٻيهر رپورٽس پيش ڪرڻ جو حڪم، عدالت ريماڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي ته اسپتال جَي هڪ فلور کي سب جيل قرار ڏيڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟، جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل شفيع محمد چانڊيو ٻڌايو ته خورشيد شاهه سينيئر سٽيزن ۽ دل جي مرض ۾ ورتل آهي، عدالت چيو ته پوءِ ته اهي سهولتون سڀ سينيئر شهرين کي ملڻ گهرجن، خورشيد شاهه ته قومي اسيمبلي جا اجلاس اٽينڊ ڪري رهيو آهي سفر به ڪري پيو، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته خورشيد شاهه ايمبولينس ۾ اسلام آباد ويو هو ۽ ميڊيڪل عملو به ساڻس گڏ هو، ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته خورشيد شاهه دل جي مريض واري اسپتال کي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻائي رکيو آهي، خورشيد شاهه کي اسپتال کي پنهنجي اوطاق بڻائي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران وڪيل محمد علي شاهه پنهنجي دل جي اوپن سرجري جو فائل به عدالت ۾ کڻي آيو معزز جج کي ڏيکاريندي چيو ته منهنجي اوپن سرجري ٿي ۽ هڪ هفتي ۾ اسپتال مان فارغ ڪيو ويو هو، خورشيد شاهه ٻن سالن کان اسپتال ۾ ويٺو آهي، کيس جيل منتقل ڪيو وڃي، جسٽس محمد سليم وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان جي چوڻ تي عدالت فيصلو نه ڏيندي، اسان جيڪو آرڊر ڏنو پهريان اهو ڏسڻو آهي، جنهن بعد عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 28 جولاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.