دريا خان مري/ٻانڌي (نمائندن وٽان) دريا خان مري لڳ منگيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ھڪ ڄڻو قتل. دريا خان مري ڀرسان منگيا وڻ وڍڻ تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دورن گوليون لڳڻ سبب 45 سالن جو ڳوٺ محمد رمضان منگيو واسي ذالفقار منگيو سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي فوري طور تي نواب شاھ اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش رورل ھيلٿ سينٽر ٻانڌي آندو ويو، اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن ۽ دريا خان مري پوليس پھچي لاش ٻانڌي اسپتال مان پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش فوتي جي ڀاءُ عاقب منگيو حوالي ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر الاھي بخش ڏاھري موجب فوتي ذالفقار منگيو کي ھڪ گولي ڪلھي جي ھيٺان ويجھي کان لڳل ھئي. جڏھن ته ٻي گولي ڄنگهه ۾ سٿر وٽان لڳل ھئي، گوليون لڳڻ ۽ گھڻو رت وھڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. فوتي جي ڀاءُ عاقب منگيو موجب ذالفقار منگيو جيڪو زمين تي وڻ وڍڻ ويل ھو جنهن کي سئوٽ دلبر منگيو، خان محمد منگيو، عارب منگيو، پيراڻو منگيو منگيا موري اسٽاپ وٽ گوليون ھڻي سخت زخمي ڪيو جنھن کي علاج لاءِ نواب شاهه نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. دريا خان مري پوليس پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاش دفنائڻ بعد وارث ڪيس داخل ڪرائڻ آيا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. جنهن بعد ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايلن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته في الحال ڪابه گرفتاري عملي ۾ نه آئي آهي. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول هلندڙ آهن ته هڪ گرفتاري پڻ ڪئي وئي آهي.