دادو ۾ کٽ چوري جي الزام ۾ وڏيري جو پيرسن تي تشدد، مبينا وار ڪتري تذليل، احتجاج

0
351

دادو (رپورٽر) دادو ۾ کٽ چوري جي الزام ۾ وڏيري جو پيرسن تي تشدد، مبينا وار ڪتري تذليل، احتجاج ڪيو ويو

ٿرڙي جادو شهيد لڳ ڳوٺ رتوسولنگي ۾ کٽ چوري الزام ۾ وڏيري پيرسن تي تشدد ڪيو، مبينا وارڪتري تذليل ڪئي وئي

وڏيري مجاهد، کٽ چوري الزام ۾ 5 سالن جي پيرسن غلام نبي سولنگي کي اوطاق تي گهرائي تشدد ڪري ٻانهن ڀڃي ڇڏي، وڏيري مجاهد شاهيءَ  پيرسن  تي تشدد ڪرڻ کان پوءِ ان  جا وار ڪتري مبينا تذليل ڪئي

پيرسن جي پٽ عبدالرسول جو چوڻ آهي ته والد پيرسن آهي، لٺ تي ھلندو  آهي، کٽ چوري ڪيئن ڪندو، وڏيري مٿس تشدد ڪيو

هن مطالبو ڪيو ته ٿرڙي جادو شهيد پوسٽ تي وياسين پر پوليس فرياد نه ورتو، اسان سان انصاف ڪيو وڃي