مهرباني ڪري بابا موٽائي ڏيو: ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي ٻارڙن جي لڙڪن سنڌ کي روئاري ڇڏيو

0
279

ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي آزادي لاءِ تحريڪ تيز ٿي وئي، مغوين جي وارثن جي رڙين ۽ دانهن سڄي سنڌ کي روئاري ڇڏيو، بخشاپور ۾ مغوي پورهيتن جي بازيابي لاءِ ۽ وڌندڙ بدامني خلاف ريلي ڪڍي وئي

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل موتي لال ۽ نند لال  ميگهواڙ جي وارثن کان هڪ ڪروڙ  روپيا ڀُنگ گهريو آهي، پوليس ڪشمور ضلعي ۾ امن بحال  ڪرائڻ ۽ مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾  ناڪام ٿي چڪي آهي

ڪنڌڪوٽ ۾ پورھيت موتي رام ۽ نندلال سميت ٻين جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج دوران مغوي موتي رام جو پٽ گوتم ڪمار جي ڪيل دردمنداڻي اپيل موجود ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ آڻي ڇڏيا

موتي رام ۽ نند لال جي اغوا خلاف ميگھواڙ  پاڙي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

مظاهري دوران پورهيت هري رام جي معصوم پٽ گوتم ڪمار روئي ويٺو، هن چيو ته اسان غريب آهيون بابا جي اغوا ٿي وڃڻ کانپوءِ در ۾ ديد آهي ته ڪنهن وقت ٿو واپس اچي مان ڌاڙيلن کي اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي بابا کي ڇڏي ڏين ٻارڙي جي اهڙي دردمنداڻي اپيل تي احتجاج ۾ شامل شهري به لڙڪ لاڙي ويٺا، معصوم ٻارن ۽ مغوين جي وارثن جون وڊيوز سڄي سنڌ کي روئاري ڇڏيو آهي

احتجاج ڪرڻ بعد مينگهواڙ برادري ٻين مغوين جي آزادي لاءِ گهنٽا گهر وٽ لڳل احتجاجي ڪيمپ ۾ شامل ٿي وئي

هي به پڙهندا

راڻيپور مان لڏي شڪارپور ويندڙ ڪٽنب يرغمال، ناري کنڀڻ جي ڪوشش