دادو (رپورٽر) دادو شهر جي شهباز ڪالوني ۾ 4 ڏينهن اڳ قتل ٿيل 14 سالن  جي نديم پٽ رجب چانڊيو جي واقعي دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي7 جوابدارن خلاف داخل  ڪيو ويو آهي،  مقتول جي ڀاءُ مور چانڊيو  اي سيڪشن ٿاڻي تي صيفل ، سائين بخش ، دلبر ، شهزاد ، غلام قادر ، علي نواز چانڊيو  هڪ اڻسڃاتل خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي،  جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدار صيفل چانڊيو وارن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان  جوابدارن گڏجي سندس ڀاء نديم کي قتل ڪيو آهي ، پوليس چار ڏينهن گذرڻ باوجود واقعي ۾ ملوث هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو.