دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي مرکپور پاڙي ۾ 27 ، سالن جي نوجوان عاقب پٽ ذوالفقار چانڊيو پاڻ کي گهر جي ڪمري ۾ پکي سان رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. گهر ڀاتين ڪمري جو در ڀڃي عاقب کي پکي مان لاهي سول اسپتال دادو آندو، جتي ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ فوتي جو مڙھ واپس گهر کڻائي ويا آهن. وارثن موجب فوتي ڪجھ ڏينهن کان پريشان هو کائنس پريشاني سبب به پڇيو پر هن کين ڪجھ به نه ٻڌايو.