دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي مڇي مارڪيٽ جي بيگم نصرت ڀٽو گرلس هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي فرزانه ميمڻ 7 سالن کان ڊيوٽي تان غائب رهڻ جي باوجود ماهوار پگهار جاري رهڻ جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن. سول جج دادو پاران گرلس هاءِ اسڪول جي دوري دوران 18 هين گريڊ جي هيڊ ماسترياڻي فرزانه ميمڻ 7 سالن کان ڊيوٽي تان غائب هئڻ باوجود هر مهيني هڪ لک 79 هزار 800 رپيا ماهوار پگهار کڻي رهي آهي، سول جج جي اهڙي رپورٽ تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ۽ ڊي او سيڪنڊري کي نوٽيس جاري ڪري 6 آڪٽومبر تي رپورٽ سميت طلب ڪيو آهي ته هڪ لک 79 هزار 800 ماهوار پگهار کڻڻ باوجود هيڊ ماسترياڻي 7 سالن ڪيئن ڊيوٽي تان گم آهي.