خيرپور (رپورٽر) فنڪشنل مسلم ليگ ضلع خيرپور جي جنرل سيڪريٽري عقيل حيدر شاهه جو ڀائٽيو ۽ ف ليگ اڳواڻ حمد حيدر شاهه ڪجهه ڏينهن بيمار رهڻ کان پوءِ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جو مڙهه ڪراچي کان خيرپور آندو ويو، مرحوم جي جنازي نماز اڄ امام بارگاهه انجمن حيدري ۾ ادا ڪئي ويندي. ٻڌايو پيو وڃي ته مرحوم کي ڦڦڙن جي بيماري سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.