خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد دستگير ڪالوني مان 25 ڏينھن اڳ مبينا طور تي اغوا ٿي ويل مسمات شمشاد زال امام بخش عمراڻي بازياب نه ٿي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ مبينا اغوا ٿي ويل مسمات شمشاد جي مڙس پنهنجي والده ۽ پٽ سان گڏ پريس ڪلب خيرپور پهچي زال جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته 25 ڏينهن اڳ جوابدار سومر ۽ ديدار بڙدي 3 نامعلوم هٿياربندن سان گڏ اسان جي گھر ۾ داخل ٿي منھنجي پيرسن پيءُ محمد عثمان عمراڻي مٿان تشدد ڪري کيس بيھوشيءَ واري حالت ۾ ڦٽو ڪري منھنجي زال شمشاد کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا. اھڙي واقعي جي اين سي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي پر 25 ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس منهنجي گهر واري کي بازياب نه ڪرايو آهي، نه وري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گهر واريءَ جي جان کي خطرو آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري گهرواريءَ کي بازياب ڪرايو وڃي.