خيرپور: يوسي ٻاڦو ۾ پ پ جا 2 گروپ هڪٻئي جي آمهون سامهون

0
261
خيرپور: يوسي ٻاڦو ۾

خيرپور (رپورٽر) ڪوٽڏيجي ۾ يونين ڪائونسل ٻاڦو جا پ پ سان تعلق رکندڙ ٻه گروپ هڪٻئي جي آمهون سامهون آزاد اميدوار جي حيثيت سان اليڪشن وڙهندا، پ پ قيادت هڪ گروپ جي اميدوارن کان ٽڪيٽون واپس وٺي ڇڏيون، واپس ورتل گروپ طرفان آر او مٿان ٽڪيٽون گم ڪرڻ جا الزام، آر او سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا

 خبر موجب ڪوٽڏيجي ۾ يونين ڪائونسل ٻاڦو جا پ پ سان تعلق رکندڙ ٻه گروپ هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا آهن ۽ مڪاني چونڊن ۾ ٻنهي گروپن جي اميدوارن هڪٻئي جي مقابلي ۾ فارم ڀرائي ڇڏيا آهن

اهڙي صورتحال کانپوءِ ڪوٽڏيجي جي پ پ قيادت يونين ڪائونسل ٻاڦو ۾ يوسي چيئرمين جي اميدوار ضمير حسين پاتو، ڪائونسلر جي اميدوارن محمد ايوب ڀٽي، امتياز سومرو ۽ فيض علي مهراڻي کان ٽڪيٽون واپس وٺي کين آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن

هوڏانهن يوسي ٻاڦو تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار ضمير حسين پاتو الزام مڙهيو آهي ته ڪوٽڏيجي جي رٽرننگ آفيسر پارٽي جون جاري ٽڪيٽون غائب ڪري ڇڏيون آهن

پ پ اميدوارن کي تير جو نشان جاري ڪرڻ بجاءِ ٻيو نشان الاٽ ڪيو ويو آهي. هن الزام مڙهيو ته آر او  ڳري رشوت عيوض اسان جون ٽڪيٽون  غائب ڪرايون آھن، آر او پ پ مخالفن جي ونگار وھي رھيو آھي سندس خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ويندي

ھي به پڙھندا

ملڪ ۾ ووٽرن جو انگ 12 ڪروڙ 47 لک ٿي ويو: سنڌ ۾ اڍائي ڪروڙ ووٽر: تفصيل جاري