خيرپور هاڪي ميچ ۾ راجن پور کي ٻي ميچ به هارائي ڇڏي

0
112
خيرپور هاڪي ميچ ۾ راجن پور کي ٻي ميچ به هارائي ڇڏي
خيرپور هاڪي ميچ ۾ راجن پور کي ٻي ميچ به هارائي ڇڏي

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ھاڪي جي سيريز جو ٻيو ميچ خيرپور جي ٽيم کٽي ورتو.

ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسيئيشن  خيرپور جي دعوت تي پنجاب جي  راجن پور جي ھاڪي ٽيم خيرپور جي بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم لقمان خيرپور تي ٽن ميچز جي سيريز جو  ٻيو ميچ خيرپور جي ٽيم سخت مقابلي بعد 2-1  تان کٽي ورتو

ميچ جو مھمان خاص انجنيئر  عبدالڪريم شيخ هو. ان موقعي تي سيد ذاڪر حسين زيدي، جاويد رسول راھپوٽو، عمران اشرف راجن پور، عرفان علي، نجم الحسن، غلام مرتضي، امتياز جماڻي، افتخار حسين، محمد منصور علي ڏھوٽ، مشرف علي، غلام مصطفى، الله ڏتو ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ان کان اڳ سيريز جو پھريون ميچ خيرپور جي ٽيم سخت مقابلي بعد 3-2 تان کٽي ورتو هو افتتاحي ميچ جو مھمان خاص اڳوڻو صوبائي صلاحڪار سيد اسد علي شاھ جيلاني هو