خيرپورناٿن شاهه ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي 9 شهيدن جي اڄ 38 هين ورسي

0
173

خيرپورناٿن شاھ ( ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ۾ ايم آرڊي تحريڪ دوران 9 شهيدن جي اڄ 38 ورسي ملهائي پئي وڃي.

 38 سال اڳ جمهوريت جي بحالي لاءِ آمريت سان مهاڏو اٽڪائيندي عبدالعزيز لاکير، غلام نبي کوسو، الهورايو لانگاھ، شاهنواز کوسو، حبيب الله لغاري، نظام الدين نائچ، عبدالغني ابڙو، ضمير جاگيراڻي ۽ ديدار کوکر شهيد ٿي ويا هئا.

شهيدن جون مزارون به ٺهي نه سگهيون، قبرون مسمار ۽ چوطرف ڊڀ ڄمي وئي، شهيدن جا وارث اڄ به بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن.

پيپلزپارٽي شهيدن جي وارثن کي وساري ڇڏيو، پيپلزپارٽي مرڪزي قيادت طرفان شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ڪو به جلسو منعقد نه ڪيو ويو، شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ معمولي طور تعلقي قيادت طرفان رسمي طور پروگرام رٿيو ويو آهي.

پروگرام ۾ پيپلزپارٽي جي اعلي’ قيادت س قيادت شرڪت نه ڪئي، ايم اين اي عرفان ظفر لغاري شرڪت ڪئي، جڏهن ته پروگرام ۾ شهيدن جي وارثن کي دعوت نه ڏني وئي.

پروگرام ۾ 50 کان 60 ڪرسين جو بندوبست ڪيو ويو ، جنهن ڪري ڪارڪن نٽهڻ گرمي ۽ اس تي بيٺا رهيا.