رائونتي ويجهو مال چاريندڙ ڌنار مبينا فائرنگ ۾ مارجي ويو

0
253

رائونتي(ن پ ا) اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد هسو ڊهو ڦُل وٺان مال چاريندڙ ڌنار مبينا فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويو .

شڪاري تلاءُ تي شڪار ڪري رهيو هو ته هن پکين کي مارڻ لاءِ بندوق جو فائر ڪيو، جيڪو مال چاريندڙ  نينگر ظفر علي سولنگي کي لڳو،  جيڪو موقعي تي مارجي ويو.

اهڙو اطلاع ملڻ تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.