پيار جو پرڻو ڪيو، ڳوٺ جا بااثر ويري بڻجي ويا: احمدپور واسي جوڙو

0
425
پيار جو پرڻو ڪيو، ڳوٺ

احمدپور (ن پ ا) احمدپور ۾ ڳوٺ حڪيم سيال جي رھواسي جوڙي رابعه سيال ۽ نسيم سيال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي اسان پنھنجي مرضي موجب ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي، جنھن تي ڳوٺ جا بااثر سليم سيال ۽ ٻيا ويري بڻجي ويا آھن.

جوڙي جو چوڻ آهي هت بااثرن جرڳو ڪري اسان  کي مارائڻ لاءِ  10 لک روپيه انعام رکي ڇڏيو، اسان کي خوف آھي ته ڪٿي هو اسان کي ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل نه ڪري ڇڏن.

ھنن چيو ت سليم سيال علائقي جو بااثر آھي جنھن خيرپور پوليس جي مدد سان ڪيترائي ڀيرا کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ۽  پوليس بااثر جي وانگار وھندي ساٿاري بڻيل آھي، جنھن سبب اسان جي زندگين کي سخت خطرو آھي.

ھنن چيو ته احمدپور پوليس بااثرن کان لکين روپيه رشوت وٺي اسان جون دانھن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور بااثرن خلاف قانوني قدم کڻي اسان کي وڏيرن کان تحفظ ڏنو وڃي.