اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي خط واري معاملي تي حڪومتي سطح تي خاموشي، نواز ليگ جي ڪجهه سينيئر اڳواڻن جا تنقيدي بيان سامهون اچي ويا، ن ليگ جي سينيٽر ۽ نواز شريف جي ويجهي ساٿي عرفان صديقي خط لکندڙ ججز کي ئي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڇڏيو، نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عرفان صديقي چيو ته 9مئي واقعن جو سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جاري آهي فيصلو اچڻ وارو آهي اهڙي موقعي تي اهو چوڻ ته ايجنسيون ۽ انتظاميا مداخلت ڪري رهيون آهن، عدالت مان سياسي بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، 6 ججز سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي شڪايت ڪري رهيا آهن اهو ته لاڳاپيل فورم ئي ناهي، جوڊيشل ڪائونسل ته ججز جي پڪڙي ڪري سگهي ٿو ته وقت تي ڇو نه ٻڌايو، ججز ان وقت ڇو نه ڳالهايو، هاڻ چون ٿا ته ايجنسيون مداخلت ڪري رهيون آهن، جاچ اتان کان ئي شروع ٿيڻ گهرجي، انهن 6ججز کان ئي جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن فوجي آفيسر مداخلت ڪئي ته ان کي اوهان کي ئي سزا ڏيڻي هئي اوهان ڇو نه ڏني، ججز پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي ۽ سياست ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي.  نواز ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي ردعمل ۾ سوال پُڇيو ته 5 سالن تائين شوڪت صديقي جي حمايت ۾ نه ڳالهائيندڙن جو ضمير اوچتو ڇو جاڳي پيو آهي؟ خواجه سعد رفيق خط جو حوالو ڏيڻ بنا چيو ته ٻڌو آهي هاڻي ضمير جاڳي پيا آهن، مبارڪ هجي، سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير عطاء تارڙ چيو آهي ته خط چيف جسٽس آف پاڪستان کي لکيو ويو آهي، جيستائين اتان کان ڪو لائحه عمل اختيار نٿو ڪيو وڃي يا وري اتان کان ڪو جواب نٿو اچي، بطور حڪومتي نمائندو ان تي تبصرو ڪرڻ مناسب ناهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي ججز سپريم ڪورٽ کي خط لکيو آهي، لائحه عمل جو انتظار ڪنداسين.