خان پور لڳ نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ

0
221

خان پور (ن پ ا) خان پور لڳ نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي، ڳوٺ خواستي بروهي مان نوجوان جو لاش هٿ آيو، علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ پرويز بروهي جي نالي سان ٿي آهي، پوليس موجب نوجوان کي گوليون لڳل آهن، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي..