سکر (بيورو رپورٽ) دھشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت اڳوڻي سينيٽر شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي، قتل ڪيس ۾ استعمال ٿيل ڪار پراپرٽي پيش نه ڪرڻ تي ڪيس جي ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي. سرڪاري شاھدن جا بيان پڻ رڪارڊ نه ٿي سگھيا. جمعيت علماءِ اسلام جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي سکر جي سينٽرل جيل ۾ قائم اي ٽي سي ڪورٽ روم ۾ ٻڌڻي ٿي. ان دوران پوليس پاران قتل ۾ استعمال ٿيل ڪار پراپرٽي پيش نه ڪري سگهي. سرڪاري شاهدن جا بيان به رڪارڊ نه ٿي سگهيا. ٻڌڻي دوران جي يو آءِ اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو، مولانا محمد صالح انڍڙ، طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس سولنگي سرڪاري شاهد ۽ ٻيا پيش ٿيا. واضح رهي ته شھيد خالد محمود سومرو کي 7 سال اڳ سکر جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ هٿياربندن فجر جي نماز جي ادئگيءَ دوران فائرنگ ڪري شھيد ڪري ڇڏيو هو. عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مولانا ناصر محمود سومرو جو چوڻ هو ته عدالت مان انصاف جي اميد آھي، اي ٽي سي سکر ۾ هلندڙ ڪيس سست رفتاري جو شڪار آھي، ست سال گذرڻ باوجود شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيا آھن، قانون ذريعي انصاف وٺڻ چاهيون ٿا، قاتلن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين.