ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت پسند جو پرڻو ڪندڙ ڪانتا ڪماري  جي مبينه قتل جي الزام هيٺ گرفتار سندس مڙس آنند پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ڌرين جي وڪيلن کي حاضري يقيني بنائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 6 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ، ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪانتا ڪماري جي  مڙس آنند پاران وڪيل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڪيلن کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 6 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.