سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ ايف آءِ جي ڀرتي واري ٽيسٽ دوران جعلسازي ڪندي پڪڙيل 5 ڄڻن کي عدالت ۾ پيش ڪيو  ويو، عدالت جوابدارن کي 14 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. سکر ويجهو باگڙجي وٽ ايئرپورٽ روڊ تي ايف آءِ اي ۾ مختلف نوڪرين لاءِ هلندڙ فزيڪل ٽيسٽ ۾ اصل اميدوارن جي بدران ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ عبدالڪريم عرف صوبو بهلڪاڻي، محمد شعبان ولد علي شير جعفري، محمد علي، فرحان علي ميتلو سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري مٿن ايئرپورٽ ٿاڻي تي ايف آءِ اي سکر جي اسسٽنٽ ايس ايچ او عابد علي مريءَ جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ھو ته ڄاڻايل ماڻھو اصل اميدوارن جي بدران ٽيسٽ ۾ جعلسازي سان شريڪ ٿيا. ٽيسٽ ڏيندڙن جا شناختي ڪارڊ، ٽيسٽ سلپ ۽ ٻيا ڪاغذ چيڪ ويا جيڪي ٻين اميدوارن جا ھئا. موقعي تي گرفتار جعلي اميدوارن وٽان مختلف ڪاغذ پڻ هٿ ڪيا ويا هئا. گرفتار ٿيلن کي رمانڊ لاءِ پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ڪيس ۾ ڄاڻايلن کي 14 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي.