حڪومت چونڊ سڌارن جو ترميمي بِل پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي

0
244
چونڊ سڌارن جو ترميمي بِل پارليامينٽ مان منظور
حڪومت چونڊ سڌارن جو ترميمي بِل پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي

حڪومت چونڊ سڌارن جو ترميمي بِل پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي، ذريعن موجب نئين اليڪشن ايڪٽ ۾ 54 ترميمون شامل ڪيون ويون آهن، شق 230 جي ڪلاز 2 اي ۾ ترميم تحت نگران حڪومت کي ملڪي معيشت لاءِ گهربل فيصلن جا اختيار ڏنا ويا

نگران حڪومت عالمي ادارن سوڌو غيرملڪي معاهدا ڪري سگهندي، ترميم تحت پرزائيڊنگ آفيسر چونڊن جا نتيجا اي سي پي ۽ آر او ڏانهن اُماڻڻ جو پابند هوندو، پرزائيڊنگ آفيسر رات جو 2 وڳي تائين نتيجا ڏيڻ جو پابند هوندو، دير ٿيڻ جي صورت ۾ مطمئن ڪندڙ ڪارڻ ٻڌائيندو

پولنگ جي ڏينهن کان 5 ڏينهن اڳ پولنگ اسٽيشن تبديل نه ڪئي ويندي، رجسٽرڊ ووٽرز جي برابر انگ تحت تڪبنديون ڪيون وينديون، تڪن ۾ ووٽرز جي انگ ۾ فرق 5 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندو، اليڪشن ايڪٽ 2023ع جو بِل سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظور ڪرائڻ جا امڪان

هن کي به پڙهندا

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اوچتي قانونسازي تي سخت احتجاج