نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ سرڪاري ملازم پوليس جي ڇاپي کانپوءِ رشوت جي رقم ڳهي ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. اهو واقعو ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر جبل پور ۾ پيش آيو، جتي پوليس جي اسپيشل اسٽيبلشمينٽ ٽيم کي رشوت گهرندڙ سرڪاري ملازمن خلاف مهم دوران گجيندر سنگهه نالي هڪ سرڪاري ملازم کان رشوت گهرڻ جي رپورٽ ملي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ ملازم رشوت جي رقم کيسي ۾ رکي ، پوليس جي پهچندي ئي گجيندر 5 هزار ڀارتي رپيا کائي ويو. جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي طبي معائني کانپوءِ کيس صحتمند قرار ڏنو ويو. سرڪاري ملازم گجيندر سنگهه خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هاڻ پوليس کي ثبوتن جي ڳولا آهي.