پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اوچتي قانونسازي تي سخت احتجاج

0
164
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اوچتي قانونسازي تي سخت احتجاج
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اوچتي قانونسازي تي سخت احتجاج

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ سڌارن بابت اوچتي قانونسازي تي رضا رباني، سينيٽر مشتاق ۽ ٻين جو سخت احتجاج

اسلام آباد: پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ سڌارن بابت اوچتي قانونسازي تي رضا رباني، سينيٽر مشتاق ۽ ٻين سخت احتجاج ڪيو آهي

رضا رباني چيو ته ائين پيو لڳي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جيان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي به رٻڙ اسٽيمپ بڻايو پيو وڃي، جيڪا قانونسازي ٿيڻي آهي اهو بل مسودي جي صورت ۾ اسان وٽ موجود نه آهي

رضا رباني واضح ڪيو آهي ته اهڙي راند جو حصو نه بڻجو، جنهن سان پارليامينٽ يا گڏيل اجلاس بلڊوز ٿئي

جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق رضا رباني جا ٿورا مڃيندي چيو ته توهان جي موقف جي حمايت ڪيان ٿو، پارليامينٽ کي آڱوٺي ڇاپ نه بڻايو

سينيٽر ڪامران مرتضيٰ به چيو ته اسان کي ڪالهه به اهو منظور نه هو ته پارليامينٽ جي ميمبرز کي هڪلي آندو وڃي، اسان کي اڄ به قبول نه آهي ته ميمبرز کان رڳو آڱوٺا هڻايا وڃن

هن چيو ته گذريل دور ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي، سيٽون تبديل ٿيڻ باوجود پارليامينٽ جو جنازو نڪري رهيو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڄ رٿيل قانونسازي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي