اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اجلاس اڄ ڇنڇر ڏينهن نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال جي صدارت ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي ايندڙ احتجاجي حڪمت عملي جي تجويزن تي غور ٿيندو، حڪومت مخالف جلسن ۽ مظاهرن جي تاريخن کي به حتمي شڪل ڏني ويندي، اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ تيار ٿيندڙ سفارشن جي حتمي منظوري 28 آگسٽ تي گهرايل پي ڊي ايم جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ ڏني ويندي.