گوادر (م ڊ) بلوچستان جي شهر گوادر ۾ چيني شهرين جي قافلي تي آپگهاتي حملو، 2 معصوم ٻارڙا مارجي ويا، هڪ چيني شهري سميت 3 ڄڻا زخمي زخمي ٿي پيا، گهرو وزارت موجب چيني شهرين جي قافلي کي پاڪ فوج ۽ پوليس جي نگراني ۾ منزل ڏانهن نيو پئي ويو، فشر ڪالوني ۾ هڪ نوجوان قافلي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪ فوج جي سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن کيس روڪيو پر هن 15، 20 ميٽر پري اُن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. گهرو وزارت موجب ڌماڪي ۾ هڪ چيني شهري زخمي ٿي پيو، جنهن جي حالت هاڻ بهتر آهي، چيني شهري کي ويجهي گوادر جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌ راند کيڏندڙ 2 ٻار به مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال ۾ منتقل ڪيو آهي. وفاقي وزير فواد چوڌري ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گوادر ۾ حملو چين ۽ پاڪستان جي عظيم قيادت جي معاشي وزن خلاف دهشتگردي جو اظهار آهي، اسانجو دشمن اسانجي عزم کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي، اسان جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏينداسين.