اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع جي وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ جوڙيل حڪومتي ڪاميٽي قومي اسيمبلي مان هڪ ئي ڏينهن منظور ٿيل 21 بل واپس وٺڻ جي خاطري ڪرائڻ جي هڪ ڏينهن کان پوءِ وفاقي حڪومت مخالف ڌر سان ڪيل واعدي تان ڦري وئي، وزيراعظم جي پارلياماني مامرن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تاريخ ۾ هڪ ڏينهن ۾ 12 بل ۽ ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي 21 بل منظور ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ٿيو، جيڪي 21 بل منظور ڪيا ويا انهن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻيا بل شامل هئا، هن چيو ته حڪومت رولز مطابق ڪاميٽين کان رپورٽ جي صورت ۾ آيل بلن کي رولز معطل ڪري ووٽنگ ڪرائي ۽ بل منظور ڪيا، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين وارو مامرو حڪومت لاءِ سنجيده آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي مان جيتري به قانون سازي ٿي آهي اها آئين مطابق ٿي آهي، منظور ٿيل بل واپس نه ٿا وٺي سگهجن، قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل بل سينيٽ ۾ اچي چڪا آهن، سينيٽ جي ايوان انهن بلن کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪميٽين کي اماڻي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان اسپيڪر پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ۾ تمام اپوزيشن کي نمائندگي ڏني ويندي، تمام پارٽين کي ٻڌڻ چاهيون ٿا پر آر اوز جي اليڪشن ڪرائڻ جو زمانو هليو ويو، عمران خان پاران يقين ڏياريون ٿا ته سمنڊ پار پاڪستانين کي منظور ٿيل بل تحت مليل ووٽ جو حق واپس نه ٿيندو، هن چيو ته شهباز شريف ڇو اهڙا رستا اختيار ڪندو آهي جو کيس گوڏا پڪڙڻا پون؟ عمران خان ڪيڏانهن نه وڃي رهيو آهي هي اهو قصو ڇڏي ڏين، اين آر او اسان جي حڪومت لاءِ نو گو ايريا آهي، هن چيو ته وڏي عرصي بعد هڪ متبادل نظام اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي صورت ۾ سامهون رکيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جلد تيار ٿي ويندي، ڌانڌلي سان چونڊون کٽڻ جي خواهش رکندڙ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪري رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ سڌارن تي خدشا هئا ته خبر جاري ڪرڻ کان اڳ حڪومت سان رابطو ڪري ها، اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽيز کي به گهرائي ته اعتراض نه هوندو، سماءَ جي مملڪتي وزير فرخ حبيب جو چوڻ هو ته چونڊ سڌارن بابت قومي اسيمبلي مان بل پاس ٿيو آهي، ان تي اپوزيشن جو رويو افسوسناڪ رهيو، ڪنهن به ملڪ جي مضبوط جمهوريت جا بنياد صاف ۽ شفاف چونڊن تي هوندا آهن، ميثاق جمهوريت ۾ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سينيٽ جي چونڊ اوپن ووٽ ذريعي ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو، پر ٻنهي پارٽين پنهنجي 10 سالن دوران به ان تي عملدرآمد نه ڪيو.