داسو (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 50 سال اڳ بجلي سستي هئي ته صنعت تيزي سان مٿي وڃي رهي هئي ، مهانگي بجلي هر طرف مهانگائي کڻي ايندي، وزيراعظم عمران خان ضلعي اپر ڪوهستان ۾ سنڌو درياءَ تي تعمير ٿيندڙ داسو هائيڊرو ڊيم جي تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڊيم جي تعمير ڏکيو ڪم آهي، هي ڊيم پاڪستان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، سستي بجلي پيداوار سان ملڪ جو فائدو ٿيندو، وڌيڪ فائدو صنعتن کي ٿيندو، اسان کي گهڻو وقت اڳ هي ڪم ڪرڻ گهرجي ها. عمران خان چيو ته تربيلا ۽ منگلا ڊيم مان سستي بجلي ملندي هئي، 50 سال اڳ صنعتن جي ترقي جو سبب ئي سستي بجلي هئي، داسو ڊيم مان سستي بجلي ملڻ بعد اڳتي هلي مهانگائي به گهٽ ٿيندي، ملڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.