ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پهريون ڀيرو سرڪاري پاور ڪمپني جو خانگي شعبي مان سي اي او مقرر ڪرڻ باوجود حيسڪو ۾ ڪا تبديل نه آئي، سالن کان ناڪاره بڻيل 250 کان وڌيڪ ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيا ۽ نه ئي وري 6000 نوان ڊجيٽل ميٽر لڳي سگهيا، ٽرانسميشن لائين جي تبديلي جون ڳالهيون پڻ هوا ۾ اڏامي ويون، حيسڪو جي لائين لاسز ۾ گهٽتائي ته نه آئي، ويتر حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن ۾ لوڊشيڊنگ وڌي 12 ڪلاڪن تائين پهتي، واضح رهي ته نئين حيسڪو چيف پهرين پريس ڪانفرنس ۾ حيسڪو ۾ تبديلين جا وڏا اعلان ڪيا هئا.