نئين گاج ۾ چاڙهه بعد ڪاڇي ۾ ٽٽل ۽ پاڻي هيٺ آيل رستا بحال نه ٿيا

0
256

ٽنڊو رحيم (ن پ ا) نئين گاج ۾ چاڙهه بعد ڪاڇي ۾ ٽٽل ۽ پاڻي هيٺ آيل رستا بحال نه ٿيا، 8 ڏينهن کان ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جو دادو ۽ جوهي شهر سان زميني رابطو ڪاٽا، ڪاڇي واسي بنيادي شيون وٺڻ ۽ مريضن کي اسپتالن تائين پهچائڻ لاءِ برساتي پاڻي اُڪارڻ تي مجبور، انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن ڪاڇي واسين جا اهنج نه گهٽايا، رستا بند هجڻ سبب ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ کاڌ خوراڪ گهٽجڻ لڳي آھي.