حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي آفندي ٽائون واري علائقي ۾ ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ۽ ان مان پکڙجندڙ تيل کي باهه لڳي وئي. اهو ٽرانسفارمر آفندي ٽائون ۾ قائم فيضان مدينه مدرسي ڀرسان ڦاٽو جنهن سبب ان جو تيل ٻاهر نڪري پکڙجي ويو. ٽرانسفارمر ڦاٽڻ جي ڪري باهه به لڳي وئي جنهن تي علائقي واسين فوري طور تي ضابطو آڻي ڇڏيو. ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب ڪنهن جاني نقصان جو اطلاع نه مليو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته علائقي جو ٽرانسفارمر خراب ٿي ويو هو. حيسڪو جي عملي پهچي ان کي چالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيئن ئي بجلي بحال ٿي ته ٽرانسفارمر ڦاٽي پيو ۽ ان مان تيل نڪري آيو. بعد ۾ حيسڪو جي عملي اهو ٽرانسفارمر لاهي مرمت لاءِ ورڪشاپ موڪلي ڇڏيو. علائقي ۾ بجلي بند ٿي وئي جنهن سبب ماتمي جلوسن جي گذرگاهن ۽ مجلسن ۾ خلل پيدا ٿيو. حيدرآباد ۾ ڪجهه ئي عرصي دوران ٽرانسفارمر ڦاٽڻ جو اهو چوٿو واقعو آهي. ٽرانسفارمر ڦاٽڻ جي ڪري علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل هو. علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته پراڻن ٽرانسفارمرن جي مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن انهن مان جاني نقصان نه ٿئي.