حيدرآباد ۾ لاڙڪاڻي پوليس جي ڪارروائي، فنڪار سانول فقير پٽ ۽ نُنهن سميت گرفتار

0
1052

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پسند جي شادي ڪندڙ فنڪاره جي اغوا ڪيس ۾ فنڪار سانول فقير پُٽ ۽ ننهن سوڌو گرفتار، لاڙڪاڻو پوليس طرفان حيدرآباد جي ڀٽائي نگر واري علائقي ۾ ڪارروائي، گرفتار ٿيلن ۾ پسند جي شادي ڪندڙ فنڪارا نينا ماروي ۽ سندس مڙس علي رضا شامل آهن، لاڙڪاڻو پوليس جو چوڻ آهي ته فنڪاره نينا ماروي جي والد طرفان سانول فقير سوڌو 4 ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، گرفتار جوڙي ۽ فنڪار سانول فقير کي لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي، ڪارروائي بعد سانول فقير جي وارثن پاران لاڙڪاڻو پوليس خلاف احتجاج ڪيوويو، سانول فقير جي گهرواري دانهيو آهي ته فنڪاره نينا ماروي کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، نينا پُٽ علي رضا سان پسند جي شادي ڪرڻ بعد وڊيو بيان به جاري ڪيو هو، لاڙڪاڻو پوليس بنا جواز سندس مڙس، پُٽ ۽ ننهن کي گرفتار ڪيو آهي، فنڪار سانول فقير ۽ جوڙي کي جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.