حيدرآباد: عورت قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان جو فليٽ مان لاش هٿ

0
1523

May be an image of 1 person and smiling

قاسم آباد جي نسيم نگر ۾ عورت قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ مرڪ جان جو فليٽ مان ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو

 پوليس لاش اسپتال منتقل ڪيو، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، مڙهه کي وارث مانجهند کڻائي ويا

مرڪ جان جي والد جان محمد قريشي جو چوڻ آهي ته رات جو ڌيءَ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، هوءَ خوش هئي، خدشو آهي ته کيس قتل ڪري لاش پکي سان ٽنگيو ويو آهي

 جسقم اڳواڻ ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري جو چوڻ آهي ته مرڪ جان جسقم سان سلهاڙيل هئي ۽ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ پڻ هئي، هوءَ آپگهات نه ٿي ڪري سگهي، کيس قتل ڪيو ويو آهي

ٻڌايو پيو پڃي ته قاسم آباد جي نسيم نگر ۾ پراسرار موت جو نشانو بڻيل مرڪ جان بينڪ ۾ ملازمت ڪندي هئي

پوليس ذريعن موجب مرڪ جان جا مڙس سيف جتوئي سان اختلاف هلندڙ هئا ۽ هوءَ فليٽ ۾ اڪيلي رهندي هئي، مرڪ جان جي ڦاهو لڳل لاش جو هڪ پير بيڊ تي پيل نظر آيو

پوليس موجب عمارت جي چوڪيدار شروعاتي بيان ۾ چيو آهي ته رات سيف جتوئي نالي همراهه فون ڪري چيو ته مرڪ جان فون اٽينڊ نه پئي ڪري، چوڪيدار فليٽ تي مرڪ جان جو ڦاهو لڳل لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو