جيڪب آباد ۾ افغانين جي نالي روز 10 لک خرچ ظاهر، 126 خاندان لڪل، انتظاميا خاموش

0
175
جيڪب آباد ۾ افغانين جي نالي روز 10 لک خرچ ظاهر، 126 خاندان لڪل، انتظاميا خاموش
جيڪب آباد ۾ افغانين جي نالي روز 10 لک خرچ ظاهر، 126 خاندان لڪل، انتظاميا خاموش

جيڪب آباد (رپورٽ: عبد الغني کوسو) جيڪب آباد ۾ غيرقانوني ترسيل 126 افغاني خاندانن جي رپورٽ پنهنجي اخبار هٿ ڪري ورتي، ضلعي انتظاميا غيرقانوني ترسيل افغانين خلاف آپريشن کان قاصر بڻيل، هولڊنگ ڪيمپ جي نالي تي ڊي سي کي 17 ڪروڙ کان وڌيڪ جا فنڊز جاري

ضلعي انتظاميا پاران 10 لک روزانو خرچ ڪرڻ جو انڪشاف، ذريعن موجب غيرقانوني ترسيل افغانين بابت وفاقي ڳجهي اداري جي رپورٽ تحت ضلعي جيڪب آباد ۾ غيرقانوني طور 126 افغاني خاندان ترسيل آهن، جن جي سربراهن نادر شاهه، ناز بيگ، سرفراز احمد، سيف الدين، گلبدين، عبدالله، نصيب الله، منصور احمد، عصمت الله، جمال الدين، محمد سليمان سميت ٻين جا ڪاروبار به هلندڙ آهن، جيڪب آباد شهر سميت ٺل ۽ ڳڙهي خيرو جي ننڍن وڏن شهرن ۾ انهن جو نيٽ ورڪ جوڙيل آهي، جيڪي خاندان سان گڏ غيرقانوني طور ڪاروبار ۾ به ملوث آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳجهي اداري جي رپورٽ ۾ غيرقانوني ترسيل افغانين جي ڪاروبار سميت گهرن جي ايڊريس، مالڪ مڪان جا نالا، فون نمبر لکيل آهن، هوڏانهن اهڙي رپورٽ جاري ڪرڻ باوجود ضلعي انتظاميا انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهي، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڊي سي جيڪب آباد کي افغانين جي نيڪالي لاءِ 17 ڪروڙ کان وڌيڪ جا فنڊز ملي چڪا آهنجيڪب آباد ۾ افغانين جي نالي روز 10 لک خرچ ظاهر، 126 خاندان لڪل، انتظاميا خاموش

جيڪب آباد ۾ افغانين جي نالي روز 10 لک خرچ ظاهر، 126 خاندان لڪل، انتظاميا خاموش

ضلعي انتظاميا جيڪب آباد ۾ قائم ٿيل هولڊنگ ڪيمپ جي نالي تي روزانو جي بنياد تي 10 لک کان وڌيڪ جو خرچ ڏيکاري رهي آهي، ان حوالي سان سنڌ ترقي پسند پارٽي جي عبدالستار جاگيراڻي، جسقم جي وحيد بروهي، ايس يو پي جي فدا لکڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته شهر افغانين سان ڀريا پيا آهن، ضلعي انتظاميا انهن خلاف آپريشن ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، صرف پرڏيهين جي نالي تي آيل فنڊز ھڙپ ڪرڻ ۾ رُڌل آهي، ڊپٽي ڪمشنر دادلو زهراڻي سان رابطو ڪيو ويو پر هن نمبر اٽينڊ نه ڪيو

جڏهن ته ڊي سي آفيس جي عملدار ابوبڪر سڌايو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته افغانين جي نيڪالي لاءِ 17 ڪروڙ کان مٿي جي رقم آئي آهي، عارضي ڪيمپ تي ڪراچي کان افغانين کي آندو وڃي ٿو، جنهن ۾ روزانو جي بنياد تي 10 لکن کان وڌيڪ جو خرچ اچي ٿو، هن چيو ته ضلعي جيڪب آباد ۾ 972 کان وڌيڪ پرڏيهي موجود آهن انهن جي نشاندهي لاءِ ڪوششون جاري آهن، جلد انهن کي گرفتار ڪري ڏيهه اماڻيو ويندو، ٻئي پاسي جيڪب آباد جي عارضي ڪيمپ ۾ ڪراچي کان 136 افغانين کي آندو ويو، جن کي کاڌ خوراڪ ڏيڻ کان پوءِ چمن بارڊر روانو ڪيو ويو آهي