قمبر: غلام حسين شاهه گل محمد شاهه جي گهر ۾ 1936 ۾ ميروخان جي ڳوٺ ڊرٻ چانڊيو ۾ جنم ورتو،ابتدائي مذھبي تعليم پنهنجي والد ۽ بعد ۾ مولوي قادر بخش ۽ مولوي خوش محمد تنيو ( ميروخان وارو) وٽ به حاصل ڪئي، جڏھن ته رسمي تعليم پرائمري اسڪول ڊرٻ چانڊيو ۾ استاد غلام محمد چانڊيو ۽ استاد علي گوهر مستوئي وٽان حاصل ڪئي ۽ روحاني تعليم حماد الله هاليجوي وٽ پرايائون سندس مرشد مير محمد عبدالغفار رحمت پور لاڙڪاڻي وارو هو. غلام حسين شاهه پهرين پنهنجي ڳوٺ ڊرٻ چانڊيو ۾ درگاهه قائم ڪئي، جتان 1973 ڌاري وڏي ٻوڏ اچڻ سبب اتان لڏي قمبر جي سرهيه محلي ۾ رهائش اختيار ڪئي،ريلوي اسٽيشن قمبر لڳ درگاهه عاليه جو بنياد رکيائون، جنهنجو نالو مفتي فاروق احمد ( اوستي محمد وارو) ۽ وڏي صاحب زادي گل محمد شاهه جي صلاح سان درگاهه حسين آباد نالو رکيو ويو، سائين 2 ڀيرا حج ڪيو اڪبري حج به ادا ڪيائين سال ۾ 2 دفعا عمرو به ادا ڪندا هئا، غلام حسين شاهه درگاهه سان گڏ دارالعلوم جامعه حسينيه نقشبنديه مجدديه اهل سنت والجماعت درگاهه عاليه حسين آباد جو پڻ بنياد رکيو، جتان سون جي تعداد ۾ حافظ قرآن ۽ فارغ التحصيل ٿيل عالم ٿيا آھن.