جيڪڏهن نواز شريف کي موقعو ڏنو وڃي ته ملڪ جو نقشو بدلائي ڇڏيندو: شهباز شريف

0
374

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف کي موقعو ڏنو وڃي ته ملڪ جو نقشو بدلائي ڇڏيندو، اليڪشن ۾ عوام کي  سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو پوندو، عوام جنهن کي به چونڊي آڻيندو، اسان تسليم ڪنداسين

لاهور ۾ يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت جو آگسٽ ۾ مدو ختم ٿي ويندو، عام چونڊن ۾ عوام کي  گذريل 4 سالن  جي تباهيءَ تي سوچي سمجهي پوءِ فيصلو ڪرڻ گهرجي

هن جو چوڻ هو ته عوام جيڪڏهن نواز شريف کي هن ڀيري  موقعو ڏئي ته واعدو آهي هو پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي طرف وٺي ويندو، آءِ ايم ايف پروگرام اسان لاءِ حلوو نه چئلينج آهي

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ خلاف سازشون دفن ٿي ويون، سازشي ڪردار وائکا ٿي ويا، آءِ ايم ايف طرفان قرض پروگرام جي پهرين قسط ملڻ بعد ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قيمت مستحڪم ٿي، جنهن سان تيل جون قيمتون گهٽجي ويون

هن جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان خلاف اسرائيل جو بيان آيو هو، الله تعاليٰ سمورين سازشن کي نيست نابود ڪري ڇڏيو،  ملڪ جي قسمت لاءِ متحد ٿي وڃون ته ڪير به رستو روڪي نه ٿو سگهي

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي 4 سالن ۾ ملڪ جي تباهي ٿي، اربن جا اسڪينڊل 4 سالن دوران ٿيا، بي آر ٽي، مالم جبه،  کنڊ اسڪينڊل، 190 ملين پائونڊ ۽ خانه ڪعبه جي ماڊل گهڙي جا اسڪينڊل اسان جي دور جا ناهن

هي به پڙهندا

حڪومت ايندڙ مهيني مُدو پوري ڪري رهي آهي، چاهيون ٿا ته نظام جاري رهي ۽ عبوري حڪومت اچي: وزيراعظم شهباز شريف