جيل ۾ جيڪو ٿيوان تي خاموش رهياسين، گهڻو ڪجهه ڪري پئي سگهياسين:اليڪشن ڪميشن ميمبر

0
60
چونڊ نشان تبديل ٿيڻ تي چونڊون ملتوي ٿيڻ جو خدشو
چونڊ نشان تبديل ٿيڻ تي چونڊون ملتوي ٿيڻ جو خدشو

پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي

 پي ٽي آءِ جي باني ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جو وڪيل شعيب شاهين پيش ٿيو

 شعيب شاهين چيو ته اسان کي نوٽيس ئي نه مليو آهي، ٽي وي ذريعي خبر پئي ته اڄ ٻڌڻي آهي، هن ڪيس کي ملتوي ڪيو، توهان اسان کان تنقيد ڪرڻ جو حق به کسي رهيا آهيو، بيٽ جو نشان توهان اڳ ئي کسي چڪا آهيو

 اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته اسان بيٽ جو نشان کسيو نه آهي پر توهان کي نه ڏنو هو، ان ڪيس کي 2 سال ٿي چڪا آهن، ان وقت توهان جي حڪومت هئي

 وڪيل شعيب شاهين چيو ته اسان جي اندر لاوا ٻري رهيو آهي، خدا ڪري فيصلو قانون موجب ٿئي ۽ اسان ان لاوا جو اظهار نه ڪيون

 اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته جيل ۾ جيڪو ٿيو اسان ان تي خاموش رهياسين، جيڪو جوابدار جيل ۾ ڪيو اهو اسان ڪڏهن به نه ڏٺو آهي، اسان گهڻو ڪجهه ڪري پئي سگهياسين، اليڪشن ڪميشن 24 جنوري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي