اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ نوجوان ۽ ناري تي تشدد واري وڊيو تي غور ڪيو ويو، اسلام آباد پوليس اختيارين ٻڌايو ته جوابدار عثمان مرزا بابت چيو پئي ويو ته هن جا سياسي رابطا به آهن پر حقيقت ۾ جوابدار عثمان مرزا ايترو ڪو وڏو نه آهي، هن کي ٽڪ ٽاڪ اسٽار بڻجڻ جو شوق آهي، چيئرمين ڪاميٽي محسن عزيز پڇاڻو ڪيو ته ڇا وڊيو 5 منٽن کان وڌيڪ به آهي؟، وڊيو کي ايترو وائرل ٿيڻ کان روڪيو ڇو نه ويو؟ ايڪشن کنيو ويو؟ پوليس اختيارين چيو ته واقعو نومبر 2020ع جو آهي، پر وڊيو جيئن ئي وائرل ٿي ته ڪيس داخل ڪيو ويو، عورت کي ڪپڙن کان آجو ڪرڻ جو قلم لڳايو، جنهن جي سزا موت يا عمر قيد آهي، حراست ۾ 7 کان 8 ماڻهو آهن، هڪ جي گرفتاري لاءِ ٽيم ٻي صوبي ۾ آهي، هن وقت تائين موبائيل فون ۾ ڪنهن ٻي متاثر جي ڪا وڊيو نه ملي آهي، متاثرن کي سيڪيورٽي ڏني ويندي، اجلاس ۾ ڊي چوڪ تي هڪ شخص پاران هٿيار کڻي گهمڻ واري معاملي تي ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته جاچ جاري آهي.