اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ افغان مسئلي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ويو، خطي جي امن استحڪام افغانستان ۾ پائيدار امن سان جڙيل آهي، هن چيو ته 30 لک افغان مهاجرين جي ڏهاڪن تائين ميزباني تي به پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪئي وئي، ايس سي او پرڏيهي وزير پاڪستان جي موقف سان متفق نظر آيا ته افغانستان مسئلي جو فوجي حل ناهي، عزم ظاهر ڪيو ويو ته افغانستان ۾ دهشتگردي کي ٻيهر ڪر نه کڻڻ ڏنو ويندو.