سنڌي ٻٽڙا (ن پ ا) سنڌي ٻٽڙا ڀرسان ڳوٺ دلو کوکر ۾ ھڪ مھينو اڳ جوابدارن پاران ڳوٺ مان مزدوري لاءِ وٺي ويل نوجوان عاشق چانڊيو کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ان سلسلي ۾ سنڌي ٻٽڙا پوليس ھڪ جوابدار گلزار مشوري کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنھن پوليس ۽ مقتول جي وارثن آڏو نوجوان کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي چيو آھي ته اسان عاشق کي وٺي وڃي قتل ڪيو. هن چيو ته مون منھنجي دوست حاجي لانڍر سان گڏجي جوھي ڀرسان عاشق چانڊيو کي قتل ڪري لاش پوري ڇڏيو آھي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي والد محمد انور چانڊيو چيو آهي ته پٽ گڏهه گاڏو هلائي مزدوري ڪندوهو، جنهن کي جوابدارن گڏهه گاڏو ڦٻائڻ جي لالچ ۾ قتل ڪيو آهي. جوابدار منھنجي پٽ کي مزدوري ڪرائڻ لاء وٺي ويا ھئا، جنھن کي ھنن قتل ڪري مونسان ظلم ڪيو ويو آھي. ھوڏانھن سنڌي ٻٽڙا پوليس پوسٽ جي انچارج ڀورل سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته نوجوان ھڪ مھيني کان گم هو، جنھن جي قتل ۾ الزام ھيٺ آيل ھڪ شڪي جوابدار ڳوٺ ميان نصير احمد جي رھواسي گلزار مشوري کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنھن نوجوان کي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آھي ۽ ان واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.