خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پير جو ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ غفار شاهه جو مبينا زال هٿان زهر ڏنل نوجوان امتياز علي پٽ امان الله جاگيراڻي سول اسپتال خيرپور ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿي ويو. نوجوان جي وارثن سول اسپتال ٻاهران مبينا غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي فوتي نوجوان امتياز علي جاگيراڻي جي چاچي مشتاق جاگيراڻي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڀائيٽي امتياز علي جاگيراڻي کي سندس گهر واري صنم ڌيءَ منـٺار جاگيراڻي زهر ڏنو جنهن سبب هو بيهوش ٿي ويو جنهن جي جان بچائڻ لاءِ اسان کيس فوري طور تي سول اسپتال کڻي آياسين پر سول اسپتال جي ڊاڪٽرن اسان جي نوجوان کي بچائڻ بدران مسلسل لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو جنهن سبب اسان جو نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڀائيٽي کي زهر ڏيندڙ سندس گهر واري صنم جاگيراڻي خلاف ڪيس داخل ڪري کيس فوري گرفتار ڪيو وڃي جڏهن ته سول اسپتال جي ڊاڪٽرن خلاف محڪماتي ڪارروائي ڪئي وڃي.