ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) جناح اسپتال جي ملازمن کي ترقيون ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل ڊي پي سي ٻيهر 6 مئي تائين ملتوي، ايمپلائيز ايڪشن ڪاميٽي پاران 6 مئي تي ترقيون جي منظوري نه ملڻ خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. ان حوالي سان ڄاڻ موجب جناح اسپتال ۾ گريڊ 2 کان 16 جي 130 ملازمن کي مٿين گريڊن ۾ ترقيون ڏيڻ لاءِ سڏايل ڊي پي سي هڪ ڀيرو ٻيهر 6 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري ملازمن جون ترقيون رولڙي ۾ پئجي ويون آهن. گذريل ڏينهن ايمپلائيز ايڪشن ڪاميٽي جي وفد امير ديناري، حسن پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر ڪليم کوسو جي اڳواڻي ۾ جناح جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمي جمالي سان ملاقات ڪري پنهنجن خدشن کان آگاھ ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 6 مئي تي ڊي پي سي نه ٿي ته جناح اسپتال ۾ او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪيو ويندو.