ڪراچي/ خيرپور (نمائندن وٽان) سنڌ پوليس جا آفيسر بدلي، آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ظفراقبال ملڪ کي ڪرائيم برانچ ميرپورخاص مان بدلي ڪري ايس ايس پي خيرپور مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته امير سعود مگسي کي سي پي او ۾ اي آءِ جي ايڊمنسٽريشن مقرر ڪيو ويو. هوڏانهن چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي مهر ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي جي بدلي ڪري سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس جڳهه تي راجا طارق حسين کي خيرپور جو نئون ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.