ڪراچي(م ڊ) ملڪ جي سينئر صحافي ۽ تجزياڪار فوج کي سڌي ريت حڪومت قائم ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئٽر هينڊل تان وڊيو بيان ۾ هن چيو ته معاشي ۽ سياسي آفتن باوجود 12 پارٽين جي حڪومت سپريم ڪورٽ جو حڪم رد ڪندي چونڊون نه ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ جمهوري ڏٽو جاري رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، هي جنگ آهي پاڪستان کي بچائڻ جي جنگ، اسان کي هر صورت ۾ پاڪستان کي هن سياسي معاشي عذاب مان نجات ڏيارڻي آهي، فوج جنرل عاصم جي سربراهي ۾ فيصلو ڪري، پاڪستان ۾ آئين جي پاسداري به ضروري آهي سپريم ڪورٽ جي رهنمائي ۾ موجوده نظام کي فارغ ڪري ٽيڪنوڪريٽ حڪومت آڻي. سياسي معاشي گند صاف ٿئي پوءِ چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته قوم جي اڪثريت ملڪ جي مستقبل مان مايوس ٿي رهي آهي. حڪمرانن سپريم ڪورٽ جي عزت خاڪ ۾ ملائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. قوم ڏينهن رات منتظر آهي ته فوج اڳيان اچي. ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت پاڪستان تي دوست ملڪن جو اعتماد بحال ڪري آءِ ايم ايف سان معاهدو پورو ڪري، سپريم ڪورٽ نيب قانون ۾ شهباز حڪومت جون سموريون ترميمون رد ڪري حڪومت جي سمورين شخصيتن جا اربين کربين رپين جا ڪرپشن ڪيس بحال ٿي وڃن، جنرل نذير جي سربراهي ۾ نيب احتساب جو نامڪمل عمل مڪمل ڪري، قوم جو مورال بلند ٿئي. پوءِ ڀلي چونڊون ٿي وڃن.