لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري جي ڪنهن به ڪوشش سان حالتون خراب ٿي وينديون، حڪومت عمران خان تي هڪ ٻيو قاتلاڻو حملي ڪرائڻ چاهي ٿي. هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته آئون هن نااهل ۽ پاڪستان دشمن حڪومت کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو، ته مُلڪ کي وڌيڪ بحران ۾ نه ڌڪيو ۽ هوش کان ڪم وٺو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن انسان لاءِ ممڪن ناهي ته هو روز ايترن ڪيس ۾ پيش ٿئي، حڪمرانن مُلڪ ۽ معيشت کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.