لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز عمران خان جي امڪاني گرفتاري واري معاملي ۾ ٽوئٽر تي گدڙ جي تصوير شيئر ڪندي چيو آهي ته نوازشريف مهرباني ڪري ٿوري بهادري عمران خان کي اوڌر تي ڏئي ڇڏيو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مٿان تنقيدي وار ڪندي مريم نواز سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نوازشريف کي مينشن ڪيو ۽ چيو ته مهرباني ڪري ٿوري بهادري عمران خان کي اوڌر تي ڏئي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ مريم نواز وڌيڪ چيو ته شينهن جڏهن بي ڏوهي به هوندو آهي تڏهن به هو ڌيءَ جو هٿ جهلي لنڊن مان پاڪستان اچي گرفتاري ڏيندو آهي ۽ گدڙ چور هجي ته گرفتاري کان ڊڄي ٻين جي ڌيئرن کي ڍال بڻائي لڪي ويندو آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز لکيو ته ٻاهر نڪر ڊڄڻا ماڻهو، اڳواڻ ۽ گدڙ جي فرق جي باري ۾ قوم کي خبر پئجي چڪي آهي.